اسلام آباد – 16 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٽيڪنالاجي شعبي جي ??وا??گي واپار ۾ اضافو حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، حڪومت انفارميشن ٽيڪنالاجي س??ن ڳنڍيل افرادي قوت کي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي رهي آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي چيئرمين عامر هاشمي س??ن ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم س??ن ملاقات ڪئي. هن اسلام آباد ٽيڪنو پولس تي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، اسپيشل ٽيڪنالاجي زونر اٿارٽي جي چيئرمين وزيراعظم کي ٻڌايو ته ملڪي ۽ غير ملڪي ڪمپنيون ٽيڪنالاجي زونز ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪري رهيون آهن. وفاقي گادي واري شهر کانپوءِ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ زونز جو قيام عمل ۾ آندو ويندو. وزيراع??م چيو ته ٽيڪنالاجي شعبي جي برآمدات ۾ اضافو حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. حڪومت انفارميشن ٽيڪنالاجي س??ن ڳنڍيل افرادي قوت کي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي رهي آهي.