اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته اجهو، لٽو ۽ ڳڀو جي نعري ??ي آڙ ۾ زرداري ملڪي دولت لُٽي مني لانڊرنگ ڪئي جعلي اڪائونٽس ۽ سوئٽزرلينڊ ۾ سري محل ٺاهيا، سنڌ ۾ ٽ??ون ڀيرو پيپلزپارٽي جي حڪومت آهي سواءِ غربت، ڪرپشن ۽ لُٽ مار کانسواءِ ٻيو ڪهڙو ڪارنامو سرانجام ڏنو. سنڌ ۾ غربت جي ڪري وفاقي حڪومت پاران احساس ??يمرجنسي ڪيش جي سڀ کان وڌيڪ 57 ارب 13 ڪروڙ 39 لک 96 هزار سنڌ ۾ ورهايا ويا، جيڪي مجموعي فنڊن جو 35 سيڪڙو آهن، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب بلاول زرداري ??ي بيان تي پنهنجي رد عمل ۾ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ٻڌائي سنڌ جي عوام کي مفت علاج لاءِ هيلٿ ڪارڊ ڇو نه ڏئي رهيو آهي، پرچي چيئرمين سچ ٻڌائي ڇا ڪڻڪ خريداري ??ي امدادي قيمت 1400 کان وڌائي 2000 هزار روپيا في مڻ ڪرڻ جو اثر اٽي جي قيمتن تي نه ايندو؟ هن چيو ته 2008ع کان 2013ع تائين پيپلزپارٽي جي حڪومت ۾ فصل?? جي گروٿ سراسري 1.25 جڏهن ته آبادي جي گروٿ 2 سيڪڙو هئي، توها?? جي ڪري ملڪ ۾ فوڊ سيڪيورٽي جا مسئلا پيدا ٿيا، هن چيو ته عمران خا?? جي قيادت ۾ حڪومت غذائي تحفظ جي شعبي ۾ پاڻڀرو ٿيڻ لاءِ ڪم ڪري ??هي آهي، پرچي چيئرمين واڳون وارا ڳوڙها نه وهائي پر سنڌ ۾ ذخيرو اندوز مافيا جي خلاف ايڪشن کڻي.