اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته احساس پروگرام فلاحي رياست جي قيام جو بنياد آ??ي، اهو هڪ زبردست قدم آ??ي، ان پروگرام ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن تحت شاگردن کي ڏن?? ويندڙ اسڪالرشپس کي هڪ ڊيٽا بيس تي آندو وڃي. هو ستاره مارڪيٽ اسلام آباد ۾ پهرئين ون ونڊو احساس سينٽر جي افتتاح جي موقعي تي خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو، هن چيو ته اهو فلاحي رياست جي طرف هڪ بنيادي قدم آ??ي، جڏهن انگ ا??ر دستياب هوندا ته هدفن جو تعين ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي. هن ان موقعي تي ??اڪ??ر ثانيه نشتر ۽ ان جي ٽيم جي ڪارڪردگي کي به ساراهيو. ان موقعي تي وزيراعظم جي سماجي ڀلائي واري خاص مددگار ??اڪ??ر ثانيه نشتر وزيراعظم کي ون ونڊو سينٽر ۽ احساس ون ونڊو منصوبي تي بريفنگ ڏن??. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته اهو پروگرام جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ هوندو جنهن تحت قابل ۽ ضرورتمند شاگردن کي اسڪالرشپس به ڏن??ون وينديون.