لاهور – 05 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چ??و آهي ته ميڊيا ورڪرز جي حقن تي ٺاهه نٿو ڪري سگهجي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ميڊيا جي آزادي تي يقين رکي ٿي، قانونن ۾ موجوده فريم ورڪ ۾ تبديلي جي ضرورت آهي، ميڊيا ورڪرز جي آزادي لاءِ ميڪنزم آڻڻ چاهيون ٿا. اها ڳالهه هن ايوان اقبال لاهور ۾ سي پي اين اي جي عهديدارن سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان جيڪي به قانون آڻينداسين، ميڊيا جي مشاورت سان آڻينداسين، هن چ??و ته قانونن جي موجوده فريم ورڪ ۾ تبديلي جي ضرورت آهي، سوشل ميڊيا ر??گوليشنز اڻٽر آهي، وفاقي وزير چيو ته باقي معاملن کي آرڊيننس ج?? شڪل ۾ آڻڻو آهي يا ابل ج?? شڪل ۾، ٽربيونل ۽ ڪائونسل آف ڪمپلينٽ جي هيئت ڪهڙي هجڻ گهرجي، ان ۾ جن ترميمن جي ضرورت آ??ي ان باري ۾ سي پي اين اي کي آگاهه ڪيو ويو آهي، هن چ??و ته ميڊيا ورڪرز جي حقن تي ٺاهه نٿو ڪري سگهجي.