اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) جون 2021ع تائين 8 ملين ??اڻهن کي احساس ڪفالت پروگرام تحت 12 هزار رپين جي مالي امداد ڏني ويندي، وفاقي حڪومت ڪوويڊ 19 جي ڪري روزگار متاثر ٿيڻ سبب احساس ڪفالت پروگرام تحت 4 ملين ??اڻهن کي هڪ ڀير?? 12 ??زار رپين جي مالي معاونت جو فيصلو ڪيو آهي، ڪ??بي??ا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام جي ٻئي مرحلي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اي سي سي واپڊا جي پاڻي وسيلن جي منصوبن جي منافعي جي وقت سر ور?? لاءِ اعليٰ سطحي ??ميٽي جوڙي ڇڏي آهي. ڪميٽي پاڪستان سنگل ونڊو ايڪٽ 2021ع تحت 12 مختلف نوٽيفڪيشنز جاري ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني آهي جنهن سان روانگي واپار ۽ آمدني واپار جي حوالي سان پيپر ورڪ ۾ گهٽتائي ۽ واپار جي فروغ ۾ مدد ملندي. ناڻي واري وزارت پاران جاري بيان موجب ناڻي ۽ روينيو واري وفاقي وزير شوڪت ترين جي صدارت ۾ اي سي سي جو اجلاس ڪ??بي??ا ڊويزن ۾ ٿيو.