اسلام آباد – پهرين مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مختلف مڪتبه فڪر ج?? 14 ??الم سڳورن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ رمضان المبارڪ ۾ احتياطي تدبيرن تي عملدر??مد ڪرائڻ جي لاءِ عالم سڳورن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي اپيل ڪئي. ايوان صدر جي مي??يا ونگ جي پڌرائي موجب صدر عارف علوي ڪورونا جي خاتمي جي احتياطي تدبيرن تي عملدر??مد جي لاءِ مختلف مڪتبه فڪر جي عالم سڳورن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. ??ن موقعي تي صدر چيو ته رمضان المبارڪ دوران عالم سڳورا پنهنجي پنهنجي اثررسوخ وارن علائقن ۾ ڪورونا جي خاتمي جي تدبيرن تي خاص طور تي عملدر??مد ڪرائڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته عالم سڳورا ماڻهن کي ماسڪ پائڻ ۽ وبا جي روڪٿام لاءِ حڪومت سان تعاون جي تلقين ڪن.