اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جيستائين ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لاڳو نٿو ٿئي تيستائين ٽيڪس چوري روڪي نٿي سگهجي، شوگر ??نڊ??ٽري، سيمنٽ ??نڊ??ٽري، فرٽيلائيزر ??نڊ??ٽري ۽ سگريٽ ??نڊ??ٽري ۾ وڏي پئماني تي ٽيڪس چوري ٿيندي آهي، 40 سيڪڙو سگريٽ بليڪ تي وڪرو ڪيا ويندا آهن، اڻ سڌي ٽيڪسن جو بار عوام کي کڻڻو پوندو آهي، ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم جي معاملي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو م??ع نامو ختم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ملڪ جي چونڊ نظام کي شفاف بڻائڻ جي لاءِ اڻٽر ٿي چڪي آهي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي معاملي تي اڳڀرائي کان ڪابينا جي هر اجلاس ۾ آگاهه ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪابينا اجلاس کي خطاب ڪند?? ڪيو.