ساهيوال – 29 – جنوري (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان قب??ا گروپن جي خلاف ڪارروائي تي پنجاب حڪومت کي مبارڪباد ڏيندي چ??و آهي ??ه پنجاب جي وڏي وزير قبضا ختم ڪرائي جهاد ڪيو آهي، قانون جي بالادستي سان خوشحالي ا??ندي آهي، وڏن وڏن ڌاڙيلن تي هٿ وجهڻ تبديلي آهي، هاڻي ڪو به وڏو ڌاڙيل اهو نه ٿو چئي سگهي ??ه اين آر او ڏيو نه ته حڪومت ڪيرائي ڇڏيندس، سڄي پنجاب جي عوام کي هيلٿ ۽ انشورنس جي سهولت ڏني ويندي، صحت کانسواءِ تعليم جي سرڪاري شعبي کي پڻ بهتر بڻايو ويندو، هلندڙ سال بلدياتي چ??نڊون ٿينديون جنهن سان مقامي سطح تي مسئلا حل ٿيندا، ساهيوال ۾ انڊسٽريل اسٽيٽ ٺاهي ويندي، مقامي طور تي تيار ڪيل سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽس هنيا ويندا، زرعي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن احساس ۽ ڪامياب جوان پروگرام تحت چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزير??عظ?? عمران خان پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ۽ سندس ٽيم کي قب??ا گروپن جي خلاف ڪارروائي تي مبارڪباد ڏيندي چ??و ته جهڙي طرح هن قب??ا گروپ جا محل ڪيرايا آهن ان تي هو مبارڪباد جو مستحق آهي، قب??ا گروپ هڪ لعنت آهي ??يڪي غريبن ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي زمينن تي قبضو ڪن ٿا ۽ انهن کي ا??هن جي محنت جي ڪمائي کان محروم ڪن ٿا، ماڻهو قب??ا گروپن جي اڳيان بيوس هوندا هئا.