اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته چونڊن جي لاءِ قانوني سڌارن جو مقصد پوري عمل کي شفاف بڻائڻ آهي، سمورين سياسي پارٽين سان ان سلسلي ۾ ڳالهين جي لاءِ دروازا هر وقت کليل آهن، پيٽروليم مصنوعات جي کوٽ بابت انڪوائري ڪميشن جي سفارشن تي عملدرآمد جي حو??لي سان قائم ڪميٽي جي رپورٽ ملڻ تي ذميوارن جي خلاف سخت ايڪشن کنيو ويندو، احساس پروگرام حڪومت جي سڀ کان وڏي ڪاميابي آهي، جنهن جي تا??يد عالمي ادارا به ڪن ٿا، ملڪ مان غر??ت جو خاتمو اسان جو مشن آهي، وزيراعظم صوبائي حڪومتن ۽ اسلام آباد انتظاميا کي ??دايت ڪئي ته ڪورونا وبا جي ڏس ۾ غريب ٺيلهو هڻندڙن جي لاءِ ٺيلها بازار قائم ڪرڻ جو جائزو ورتو وڃي ته جيئن انهن غريب ماڻهن جو روزگار متاثر نه ٿئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.