اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) وف??قي حڪومت مولانا فضل الرحمان جي 1993ع کان وٺي 2018ع تائين مختلف دورن ۾ پنهنجي ڀاءُ، ناٺيءَ ۽ فرنٽ مينن ذريعي اربين رپيا ماليت جون بي نامي ملڪيتون ٺاهڻ، ڊيزل اسمگلنگ، فنڊز ۾ بي ضابطگين ۽ ڪرپشن بابت تفصيل جاري ڪندي گلگت بلتستان معاملن وا??ي وف??قي وزير علي امين گنڊاپور مولانا فضل الرحمان تي ??لڪ ۾ فرقيواريت پکيڙڻ ۾ ملوث هُجڻ جو الزام هڻندي چيو آهي ته مولانا جي ملڪيتن جي حوالي سان ثبوت موجُود آهن، مولانا فضل الرحمان کي ??ئلينج ڪريان ٿو ته اهو ڪوڙ آهي ته اسان جي خلاف هتڪ عزت جو نوٽيس موڪلي، مولانا فضل الرحمان ٻڌائي ته سندس ٻاهرئين قوتن سان ڇو رابطو آهي، انڊين نيشنل سيڪيورٽي ايدوائيزر سان ڪهڙ حوالي سان گڏجاڻي ٿي، اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وف??قي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان معاملن وا??ي وف??قي وزير علي امين گنڊاپور پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيا هئا.