اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر ??بل?? فراز چيو آهي ته اڳوڻي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار انٽرويو ڏئي مڪمل طور تي پاڻ کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي، تح??يڪ انصاف جو سدائين موقف ره??و آهي ته هن منظم طريقي ??ان مني لانڊرنگ ڪئي، شريف فيملي جي غيرقانوني طريقي ??ان اثاثا وڌائڻ ۾ پڻ اسحاق ڊار جو ڪردار ره??و آهي. نجي ٽي وي چينل ج?? پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي گذريل 40 سالن کان واريون وٺنديون آهن، انهن ماڻهن عوام جي ڪا خدمت ناهي ڪئي، ٻنهي پارٽين ٻنهي هٿن سان قومي ناڻي کي ڦري پنهنجا اثاثا وڌايا ۽ ملڪي معيشت تباهه ڪئي. ??بل?? فراز چيو ته اڳوڻن حڪمرانن هر دور ۾ قانون کي غلط استعمال ڪيو.