اسلام آباد – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان غيرملڪي ڏاڍ ۾ رهندڙ سمورن ماڻهن جي لاءِ خودمختياري جي حق جي حمايت ڪري ٿو، عالمي برادري خاص طور تي سلامتي ڪائونسل پنهنجي ا??لاقي، قانوني، سياسي ۽ سفارتي اٿ??رٽي کي ا??تعمال ۾ آڻيندي ڄمون ۽ ڪشمير بابت سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرائي، پاڪستان عالمي امن ۽ سلامتي برقرار رکڻ ۾ سڄي دنيا ۾ يو اين امن مشنز ۾ پنهنجو ڪردار اد?? ڪيو آهي. هن اها ڳالهه گڏيل قومن جي 75 هين ??ال??رهه جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چئي. هن چيو ته عالمي برادري گڏيل قومن جي 75 هين ??ال??رهه ملهائي رهي آهي، 75 سال اڳ باني ميمبر ملڪن گڏجي ايندڙ نسلن کي جنگ جي لعنت کان بچائڻ جي لاءِ قاعدن تي ٻڌل عالمي نظام جوڙيو.