اسلام آباد – 07 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) کي آر ايل اين جي سان هلندڙ سي اين جي اسٽيشنن کي نوان لائيسنس جاري ڪرڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇ??ي آهي، اجلاس ۾ ايس اين جي پي ايل کي اوڳاڙين ۾ اڳوڻي شارٽ فال جي ??يڪ??ري ۽ سردي جي ايندڙ موسم ۾ آر ايل اين جي جي ڊائيورزن ذريعي گهريلو ۽ ڪمرشل شعبن جي لاءِ گئس جي انتظام ۽ انصرام جي اجازت پڻ ڏئي ڇ??ي آهي، اي سي سي ڪڻڪ جي وڌيڪ خريداري جي لاءِ ڪڻڪ ج?? قيمت جي حوالي سان روس جي حڪومت سان ڳالهين جي لاءِ ناڻي واري سيڪريٽري، واپار واري سيڪريٽري ۽ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري سيڪريٽري تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪري ڇ??ي آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ڪابينا ڊويزن ۾ وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عب??الحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو.