اسلا?? آباد – 19 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? آهي ته اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ڪشميري شهيدن جو خو?? رنگ لائيندو ۽ ڪشمير جو پاڪستان سان الحاق ٿيندو. ڪشمير جي پاڪستان سان الحاق جي ڏهاڙي جي موقعي تي پيغام ۾ هن چي?? ته 19 جولاءِ 1947ع تي پاڪستان سان ڪشمير جي الحاق جي قرارداد منظور ڪئي وئي. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد ان عزم جو ورجاءُ آهي ته ڪشميري ڀارت جي غاصب??ڻي قبضي کان آزادي ۽ پاڪستان سان الحاق جي لاءِ پ??عز?? آهن. هن چي?? ته اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ڪشميري شهيدن جو خو?? رنگ لائيندو ۽ ڪشمير جو پاڪستان سان الحاق ٿيندو، ڀارت ڪشمير تي غاصباڻو قبضو ڪري رکيو آهي ۽ ڪشميرين تي ظلم ڪري رهيو آهي. پاڪستان ڪشميرين تي ڀارتي ظلمن جي خلاف هر عالمي فورم تي آواز اٿاري رهيو آهي.