اسلام آباد – 31 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ملڪ جي سمورن صوبن سان ڪر??نا سبب متاثر مريضن، اسپتالن ۾ سهولتن، ٽيسٽنگ ڪٽس ۽ وينٽي ليٽرز جي دستيابي سميت لاڳاپيل ڊيٽا گڏ ڪرڻ جو عمل منظم ڪيو وڃي، عوام کي هر رخ کان مڪمل باخبر رکيو وڃ??، رليف جي فراهمي مڪمل ميرٽ تي يقيني بڻائي وڃي ۽ ان سلسلي ۾ ڪو به فرق نه ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظ??ار هن اڱاري ڏينهن ڪر??نا وائرس جي روڪٿام، تشخيص لاءِ سهولتن، موجوده صورتحال ۾ صنعتي عمل جي رواني کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدمن، حڪومت پاران اقتصادي پيڪيج، بنيادي ضرري شين جي گهرج ۽ پهچ ، ا??گريڪلچر جي شعبي جي حوالي سان قدمن ۽ نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي فيصلن تي عملدرآمد جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.