اسلام آباد – 13 مارچ (اي پ?? پي) تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته قوم کي خاطري ڪرايون ٿ?? ته ڪرونا وائرس جي وبا جو ڄمي مقابلو ڪنداسين ۽ سڄي قوم کي گڏ کڻي هلنداسين، قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪيو ويو آهي، ان ۾ سمورن صوبن کي به گهرايو ويو آهي جنهن ۾ ان حوالي سان اهم فيصلا ڪيا ويندا، هر ملڪ ان بيماري جي خلاف پنهنجي طو?? قدم کڻي رهيو آهي، قومي اسيمبلي ۾ ڪرونا وائرس جي حوالي سان اٿاريل اعتراض وارن نقطن جو جواب ڏيندي وفاقي وزير شفقت محمود چيو ته واقعي وڏي ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي، حڪومت ان صورتحال کان آ??اه?? آهي ۽ قدم کنيا پيا وڃن.