لاهور – 22 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان پيپ??زپ??رٽي جي وچ ۾ سياسي ۽ ٻين معاملن ??ي حوالي سان تعاون ۽ مسئلن ??ي حل لاءِ 11 رڪني ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي ميڊي?? ونگ پاران جاري بيان موجب ڪ??يٽي جي ميمبرن ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان ??يما شامل هوندا. رياستي ۽ سرحدي معاملن وارو وزير انجنيئر امير مقام، وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر ملڪ احمد خان، پنجاب جي سينيئر وزير مريم اورنگزيب، خواجه سعد رفيق، جعفر خان مندوخيل ۽ بشير احمد ميمڻ پڻ ڪميٽي جي ميمبرن ۾ شامل هوندا. وزيراعظم ڪميٽي کي پاڪستان پيپ??زپ??رٽي سان تفصيلي مشاورت کانپوءِ سياسي تعاون ۽ مسئلن ??ي حل جي ذميواري ڏئي ڇڏي. ڪميٽي پاڪستان پيپ??زپ??رٽي پاران مقرر ڪيل ميمبرن سان ??الهه ٻولهه سان ايندڙ جي حڪمت عملي کي طئي ڪندي.