اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته چين ۽ پاڪستان جي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ جو دنيا ۾ مثال نه ٿو ملي، گڏيل مفادن جي شعبن ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ڏنو وڃي ۽ سيڙپڪارن ک?? سموريون ممڪن مراعتون ڏنيون وڃن، پرڏيهي خ??ص طور تي چيني سيڙپڪارن ک?? ڊگهي مدي واري ويزا جاري ڪرڻ ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي خ??م ڪرڻ جي لاءِ فوري طور تي قدم کنيا وڃن. هو پنهنجي صدارت ۾ سي پيڪ منصوبن تي اڳڀرائي ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ سي پيڪ منصوبي تحت سيڙپڪاري، ح??ومت پاران چيني سيڙپڪارن ک?? ڏني ويندڙ سهولتن ۽ ڪجهه معاملن ۾ سيڙپڪارن ک?? درپيش مسئلن ۽ انهن جي فوري حل تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم پرڏيهي سيڙپڪارن ۽ خاص طور تي چيني سيڙپڪارن ک?? ڊگهي مدي واري ويزا جاري ڪرڻ ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي خ??م ڪرڻ جي لاءِ فوري طور تي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي.