اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستا?? ۾ ??ياحت سميت مختلف شعب?? ۾ ??يڙپڪاري جا وسيع موقعا آهن، حڪومت عالمي سيڙپڪار ڪمپنين کي سيڙپڪاري لاءِ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ظهبي گروپ جي وفد سان ڳالهائيندي ??يو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ ظهبي گروپ جي سي اي او تنوير حسين اعواڻ، ڊائريڪٽر سلمان ناصر عبدالله البدي ۽ پاڪستان جي ڪنٽري ه??ڊ محمد شهباز خان شامل هئا. ان موقعي تي وزيراعظم جو واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزيراعظم جو خاص مددگار ذوالفقار عباس بخاري، ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين شهريار خان آفريدي ۽ بي او آءِ جو چيئرمين عاطف بخاري به موجود هئا. وفد وزيراعظم عمران خان جي ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جي ويزن ۽ ٻاهرين سيڙپڪار ڪمپنين جي لاءِ سيڙپڪاري ۾ آسانيون فراهم ڪرڻ جي قدمن جي واکاڻ ڪندي مستقبل ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافي جي حوالي س??ن گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو.