اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته جيڪي قومون پنهنجي هيروز کي ياد رکنديون ۽ انهن جي فڪر کي اڳتي وڌائينديون آهن اهي ئي حقيقت ۾ پوئ??ي پيل طبقن جي مسئلن کي حل ڪندي ترقي جا هدف حاصل ڪنديون آهن، احمد فراز پاڪستان جو اثاثو هيو جنهن پنهنجي شاعري ??ي ذريعي پوئ??ي پيل طبقن جي ترجماني ڪئي، پاڪستان جي عوام احمد فراز کي جيڪا محبت ڏني ان جو مثال نٿو ملي. هو ايڇ ايٽ قبرستان ۾ پنهنجي والد سيد احمد شاهه (احمد فراز) جي جنم ڏينهن جي موقعي تي فاتحه خواني کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو.