اسلام آباد – 23 نومبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر ۽ وزيراعظم جي نوجوا??ن جي معاملن واري خصوصي معاون عثمان ڊار جي صدارت ۾ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۽ نادرا جي سينيئر آفيسرن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪامياب جوان يوٿ ڪارڊ جاري ڪرڻ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ته جيئن سڄي ملڪ ۾ نوجوا??ن جي فنانشل انڪلوزن ۽ انهن کي معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ کي يقيني بڻائي سگهجي.