اسلام آباد – 29 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي درگذر جو رويو اختيار ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسان کي معاشري ۾ ترقي پسند سوچ کي ف??وغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، هيلٿ سروسز واري وزارت طرفان وفاقي گادي واري شهر جي اسڪولن ۾ ٻارن جي ذهني دٻاءُ جي جائزي جي پروگرام سان ٻارن کي ن??سياتي دٻاءُ ۽ مسئلن کان بچائڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (پمز) ۾ نوجوا??ن کي درپيش ذهني صحت جي چئلينجز ۽ ان جي حل بابت سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو.