اسلام آباد – 04 نومبر (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) ۽ اتحادي پارٽين جي ??ارلياماني پارٽي وزيراعظم ??مران خان ۽ حڪومت جي ڪارڪردگي تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي چيو آهي ته موجوده حڪومت جا تاريخي سڌارا ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندا. وزيراعظم ??مران خان جي صدارت ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ اتحادي پارٽين جي ??ارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ هڪ قرارداد جي ??تفقطه طور تي منظوري ڏني وئي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته اسان حڪومت جي سموري اتحادي پارٽين، موجوده حڪومت ۽ وزيراعظم ??مران خان تي مڪمل اعتماد ڪريون ٿا ۽ ڳالهه کي ورجايون ٿا ته موجوده حڪومت جا تاريخي سڌارا ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندا، ??سان متقفه طور تي وزيراعظم ۽ حڪومت جي ڪارڪردگي تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪريون ٿا، ??سان پارليامينٽ کي جمهوري قدرن موجب بدستور فعال رکڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين.