اسلام آباد_ 30 جولاءِ(اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حضرت امام حسين ۽ سندس ساٿين جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل هئا جي قرباني ايثار جي اهڙي علامت آهي جنهن جو ??نساني تاريخ ۾ مثال نه ٿو ملي، پنهنجي هڪ ٽوئٽ ۾ وزيراعظم چيو ته 14 صديون گذرڻ باوجود امام حسين رضه جي ان عظيم قرباني جي ياد انساني شعور جي ارتقا، حق انصاف ۽ انساني آزادي جي جدوجهد ۾ اهم ڪر??ار ادا ڪيو آهي، وزيراعظم وڌيڪ چيو ته طاقت جي استعمال سان ظلم ۽ جبر جو ??ڪار ماڻهن لاءِ امام حسين جي صبر جو م??ال ،برداشت ۽ ظلم خلاف مزاحمت جي اميد پيدا ڪري ٿو،هن چيو ته رحمت الله العالمين آخري نبي حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جي ڏوهٽي اسلام جي بقا لاءِ شهادت جو ??تبو حاصل ڪيو ۽ انساني تاريخ ۾ پنهنجي بهادري ۽ ايمان جي طاقت جا اڻ مٽ نقش ڇڏيا.