اسلام آباد– 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف جاپاني ڪمپنين کي شمسي توانائي ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ شمسي توانائي سان 10 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي منصوبي جي هنگامي بنياد تي شروعات ڪئي پئي وڃي، سرڪاري عمارتن، ڪاروباري مرڪزن ۽ ٽيوب ويلن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪري قيمتي پرڏيهي ناڻو بچايو ويندو. اهڙن خيالن ج?? اظهار هن جاپان ج?? معيشت، واپار ۽ انڊسٽري واري پارلياماني نائب وز??ر ستومي ريوجي جي قيادت ۾ پاڪستان ۾ موجود جاپاني ڪمپنين ج?? وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ سيڙپڪاري بورڊ (بي او آءِ) واري وفاقي وز??ر چوڌري سالڪ حسين، واپار واري وفاقي وز??ر سيد نويد قمر، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وز??ر سيد مرتضيٰ محمود، ناڻي واري مملڪتي وز??ر ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا، وز??راعظم جي خاص معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن کانسواءِ پاڪستان ۾ جاپان ج?? سفير وادامتسوهيرو به موجود هو. وز??راعظم چيو ته پاڪستان شمسي توانائي، پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي، گندي پاڻي جي نيڪالي ۽ گند ڪچري کي ٺڪاڻي لڳائڻ جي شعبن ۾ جاپاني سيڙپڪاري جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پاڪستان شمسي، ونڊ ۽ هائيڊل جهڙن قابل تجديد توانائي جي ذريعن مان فائدو کڻڻ طرف تيزي سان وڌي رهيو آهي ڇو ته تيل، گئس ۽ ٻئي مهانگي ٻارڻ جي درآمد تي خرچ ٿي??دڙ وڏو پرڏيهي ناڻو اسان ج?? معيشت تي ناقابل برداشت بار آهي. هن چيو ته پاڪستان شمسي توانائي سان 10 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي منصوبي جي هنگامي بنيادن تي شروعات ڪري رهيو آهي، ان مقصد جي لاءِ حڪومت نه رڳو هڪ موثر سيڙپڪاري پلان تيار ڪري ورتو آهي پر سمورين ڌرين ج?? پري بڊ ڪانفرنس پڻ منعقد ڪئي وئي آهي، شمسي توانائي جي ان منصوبي تحت سولر پارڪس لڳايا ويندا ۽ سرڪاري عمارتن، ڪاروباري مرڪزن ۽ ٽيوب ويلز کي شمسي توانائي تي منتقل ڪري ملڪ جو قيمتي پرڏيهي ناڻو بچايو ويندو. وز??راعظم جاپاني ڪمپنين کي ان اهم منصوبي ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي انهن کي هر طرح جي سهولت ۽ آساني جي خاطري ڪرائي. وز??راعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (پي پي پي) تحت ڪراچي ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي، گندي پاڻي جي ٽريٽمينٽ ۽ گند ڪچري کي ٺڪاڻي لڳائڻ جي منصوبن ۾ جاپاني ڪمپنين ج?? سيڙپڪاري جو پڻ خواهشمند آهي. وز??راعظم پاڪستان ۾ تازي تاريخي ٻوڏ سان ٿي??دڙ تب??هي ۽ قيمتي جانين ج?? زيان تي جاپان ج?? حڪومت ۽ عوام پاران همدردي جي جذبن ۽ 70 لک ڊالر جي مالي امداد تي ان جا ٿورا مڃيا. وز??راعظم ان موقعي تي پاڪستان ۾ ڪاروبار ڪندڙ جاپاني ڪمپنين ج?? مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن ج?? عملدارن ج?? ڪميٽي جوڙڻ جا پڻ حڪم جاري ڪيا.