اسلام آباد-01 جنوري (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر اقبال چيو آهي ته پائيدار امن ۽ ترقي جو عمل پاليسين جي تسلسل ۽ سڌارن سان ڳنڍيل آهي، اسان کي خوشحال?? جي منزل حاصل ڪرڻ لاءِ وقت ضايع ڪرڻ کانس??اء?? اڳتي وڌڻو پوندو. اهڙو اظهار هن ستين زراعت شمار?? جي افتتاح جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته وڏا تجربا ٿي چڪا، اسان کي خوشحال?? جي منزل حاصل ڪرڻ لاءِ وقت ضايع ڪرڻ کانس??اء?? اڳتي وڌڻو پوندو، قدرت پاڪستان کي انتهائي قيمتي وسيلن سان نوازيو آهي، اسان کي ماض?? جي غلطين مان سبق حاصل ڪندي گڏيل ڪوششن کي استعمال ۾ آڻڻو پوندو. هن چيو ته اسان ماضي ۾ ڪيترائي موقعا ضايع ڪيا آهن، پاڪستان ۽ ٻين ڪامياب ملڪن ۾ فرق اهو هو ته انهن ملڪن امن ۽ استحڪام، پاليسين جي تسلسل سان گڏ سڌارن جي رستي تي گامزن ٿي پنهنجي ملڪن جي قسمت کي بدلائي ڇڏيو. وفاقي وزير چيو ته اسان هن ملڪ ۾ فساد، انتشار، عدم استحڪام سان گڏوگڏ ڇڪتاڻ واري سياست ۾ الجهيل رهياسين، ڪنهن حڪومت کي ڪم ڪرڻ نه ڏنو، ڪنهن منصوبي کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويو. هن چيو ته ان کان پهرين اسان ويزن 2010ع لانچ ڪيو، اهو اڌورو رهجي ويو، ويزن 2025ع لانچ ڪيو اهو به اڌورو رهجي ويو، هاڻي اسان وٽ اهڙي طرح جا تجربا ڪرڻ ۽ غلطيون ورجائڻ جو وقت ناهي. وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته ڊجيٽل زراعت شماري اعتماد جوڳي ڊيٽا تي ٻڌل فيصلا سازي ۾ مددگار ثا??ت ٿيندي جنهن سان وڌندڙ آبادي موجب قومي زرعي پيداوار کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملندي. وفاقي وزير پاڪستان جهڙي زرعي ملڪ لاءِ زراعت تي ٻڌل انگن اکرن جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ پاڻمرادي مقامي نظام متعارف ڪرائڻ تي پاڪستان جي شماريات کات?? جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته زرعي پيداوار ۾ اضافي لاءِ مختلف شعبن جي نشاندهي ۽ ??هت?? پيداوار کي حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري وسيلن جي فراهمي ذريعي حاصل ڪيل انگ اکر قومي زرعي پاليسين جي جوڙجڪ ۾ مددگار ثا??ت ٿينديون. هن چيو ته ڊجيٽل زراعت شماري سان جوڙيل انگ اکر قومي زرعي پيداوار کي هٿي ڏيڻ، آبادگار طبق?? جي ??هت??ي ۽ انهن جي مجموعي ڀلائي ۽ ترقي کي ??هت?? بڻائڻ ۾ پڻ مدد فراهم ڪندا.