راولپنڊي-29 نومبر (اي پي پي) چيئرمي?? جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا ڪالهه پاڪ بحريه جي آپريشنل بيس اورماڙه جو دؤرو ڪيو، جتي کيس دفاع ۽ موجوده خطر?? جي حوالي سان جامع آپريشنل بريفنگ ڏني وئي. آءِ ايس پي آر موجب جنرل ساحر شمشاد مرزا پاڪ بحريه جي آپريشنل اثاثن خاص طور تي جهازن ۽ آبدوز?? جو معائنو ڪيو ۽ سمنڊ ۾ ي??نٽس جي آپريشنل تيارين ۽ جنگي صلاحيت?? جو جائزو ورتو. چيئرمي?? جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي سامونڊي علائقن ۽ جهازن تي مقرر جوانن سان ملاقات دورا?? آپريشن تياريءَ تي اطمينا?? جو اظهار ڪيو. ه?? جوان?? جي همٿ افزائي جي تعريف ڪئي ۽ فيلڊ يونٽس کي هدايت ڪئي ته جديد هٿيارن ۽ اوزار?? جي بهترين استعمال کي يقيني بنائيندي جذبي ۽ لڳن سان مادرِ وط?? جي دفاع کي يقيني بڻايو وڃي.