اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان سان اسلامڪ ??ليف جي وفد پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان جاري بيان موجب وفد جي قيادت برطانيه جي ڪونسلر شاهين اشرف ڪئي. وقتي چيئرمين اسلامڪ ??ليف جي وفد کي چيمبر ۾ ڀليڪار ڪيو. وقتي چيئرمين چيو ته اسلامڪ ??ليف قدرتي آفتن دوران انسانيت جي خدمت ڪئي، جنهن سندن شڪرگذار آهيون. پاڪستان ۾ زلزلن، ٻوڏن ۽ س??ڪهڙي سبب پيدا ٿيل صورتحال ۾ اسلامڪ ??ليف جا رضاڪار سڀ کان اڳيان رهيا. سيدال خان ملاقات دوران چيو ته بل??چستان صوبي ۾ اسلامڪ ??ليف ڏورانهن علائقن ۾ وڃي رليف جو ڪم ڪيو. اڄ به اسلامڪ ??ليف جي مختلف منصوبن تي ڪم ٿي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته مختلف علائقن ۾ رليف سينٽر جو قيام تعريف جوڳو آهي، مشڪلن گهڙين ۾ رليف فراهم ڪرڻ انسانيت جي تمام وڏي خدمت آهي. وفد وقتي چيئرمين جو ٿورو مڃيو ۽ بل??چستان سميت ٻين پٺتي پيل علائقن ۾ نَون منصوبن جي شروعات لاءِ عزم جو اظهار ڪيو.