اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ب??ٽش ڪائونسل پاڪستان جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جيمز هيمپسن ۽ هيڊ آف ايجوڪيشن سا?? ملاقات ڪئي، جنهن ۾ تعليم ۽ مهارتن جي ترقيءَ کي هٿي وٺرائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڪالهه هتي جاري بيان موجب ان موقعي تي گورنر چيو ته تعليمي معيار کي بلند ڪرڻ، نوجوانن ۽ عورتن کي تربيتي پروگرامن ذريعي بااختيار بڻائڻ ۽ ڪي پي ڪي جي تعليمي ادارن ۽ انگلينڊ جي تعليمي ادارن وچ ۾ حصيداري کي هٿي ڏيڻ سندن ترجيحن ۾ شامل آهي. انهن حصيدارن جو مقصد شاگردن ۽ استادن جي مٽاسٽا ذريعي عالمي مهارتن کي ڪي پي ڪي جي تعليمي ادارن تائين آڻڻ آهي. ڳالهين دوران گورنر پاڪستان ريڊ ڪريسنٽ سوسائٽي جي ڪي پي ڪي چيپٽر جي حوالي سا?? پنهنجي ويزن تي به ڳالهه ڪئي، ان جي خدمتن ۾ نواڻ ۽ واڌ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن ڪي پي ڪي جي تعليمي ادارن جي شاگردن خاص ڪري نوجوان عورتن ۾ آرٽس ۽ ڊزائن جي بي پناهه صلاحيتن کي اج??گر ڪيو ۽ ٻُڌايو ته ان منصوبي لاءِ ب??ٽش ڪائونسل سا?? ڀائيواريءَ جي باضابطه تجويز موڪلي ??ئي آهي. جيمز هيمپسن آءِ ايم سائنسز يونيورسٽي پشاور ۾ هڪ جديد هنرمند مرڪز جي ب??ٽش ڪائونسل جي منصوبا بندي جي باري م ٻُڌايو ۽ گورنر کي جنوري 2025ع ۾ ان مرڪز جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ب??ٽش ڪائونسل جي ٽيم گورنر کي ”گول“ پروگرام بابت به آگاهه ڪيو، جنهن جو مقصد پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ضلعن ۾ 2 لک 50 هزار غير تعليم يافته ڇوڪرين جي داخلا آهي. ملاقات دوران فني ۽ پيشيوراڻي تعليم ۽ تربيت ۽ سڄي ملڪ ۾ جاري اعليٰ تعليمي منصوبن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.