اسلام آباد-15 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ب??با گرونانڪ جي جنم ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ سک برادري کي مبارڪون ڏنيون آهن. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان جاري بيان ۾ اسپيڪر ??يو ته ب??با گرونانڪ انسانيت سان محبت، امن، ڀائيچاري ۽ برابري جو د??س ڏنو، هو مذهبي رواداري، بين المذاهب هم آهنگي ۽ امن جي حمايت ڪندڙ هو. سردار اياز صادق چيو ته ب??با گرو نانڪ جي جنم ڏينهن جي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ سڄي دنيا مان آيل س?? ياترين کي پاڪستان ۾ ڀليڪار چئون ٿا. پاڪستان جو آئين اقليتن کي پنهنجي عقيدي موجب زندگي گذارڻ ۽ مذهبي رسمون ملهائڻ جي مڪمل آزادي ڏي ٿو. اسپيڪر ??يو ته پاڪستان ۾ رهندڙ سمورين اقليتن کي برابر حق حاصل آهن. سک برادري سان تعلق رکندڙ پاڪستانين جو ملڪي تعمير ۽ ترقي لاءِ ڪردار ساراهه جوڳو آهي.