اسلام آباد-30 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين سان ??ٽل?? جي سفير ميريلنيا آرميلن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ زرعي ۽ ڊيري مصنوعات جي پيداوار جي حوالي سان گڏيل سهڪار تي زور ڀريو ويو. نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت جي ترجمان مطابق وفاقي وزير چيو ته ??ٽل?? ۽ پاڪستان وچ ۾ گهرا لاڳاپا گڏيل سهڪار جي بنياد تي آهن. دنيا کي فوڊ سيڪيورٽي ج?? چئلينجز درپيش آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف خاص طور تي زرعي پيداوار جي شعبي کي هٿي وٺرائڻ تي توجهه ڏئي ر??يو آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان کير جي پيداوار جي حوالي سان پهرين صف جي ملڪن ۾ شامل آهي. ??ٽل?? پاڪستان مان اُٺ جو کير آمدني واپار ڪري سگهي ٿو. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته پاڪستاني زرعي مصنوعات جي روا??گي واپار لاءِ ڪيترائي موقعا موجود آهن. مصنوعات جي ڪوائلٽي کي بهتر ۽ ويليو ايڊڊ بنائڻ لاءِ حڪومت ڪيترائي قدم کڻي ر??ي آهي.