اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران ترڪيه جي جمهوري ڏهاڙي ??ي ترڪ حڪومت ۽ عوام کي دلي مبارڪباد ??يندي چيو آهي ته ترڪيه سدائين مسلمان امت جي اهم م??ئلن تي آواز اٿاريو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ترڪيه جي 101??ين جمهوري ڏهاڙي ??ي مبارڪباد جي پيغام ۾ چيو ته ترڪيه گذريل هڪ صديءَ ۾ مختلف شعبن ۾ مثالي ترقي ڪئي آهي، اميد آهي ته ترڪيه صدر رجب طيب اردوان جي قيادت ۾ ترقي جون وڌيڪ منزلون طئي ڪندو. صدر چيو ته پاڪستان ترڪيه لاڳاپا گڏيل تاريخ، قدرن تي ٻڌل آهن. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه مشڪل وقت ۾ سدائين هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا ۽ پاڪ ترڪيه لاڳاپا وقت سان گڏ مضبوط ٿيندا پيا وڃن.