رياض – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ضلعي پنجگور جي علائقي پروم ۾ ڊيم تي ڪم ڪندڙ اهلڪارن تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي حملي ۾ ملوث ماڻهن جي نشاندهي ڪري ا??هن کي سزا ڏيڻ ۽ زخمي ٿيندڙ ٻن ماڻهن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ضلعي پنجگور جي علائقي پروم ۾ ڊيم تي ڪم ڪندڙ اهلڪارن تي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي. هن حملي ۾ زخمي ٿيندڙ ٻن ماڻهن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم حملي ۾ ملوث ماڻهن جي نشاندهي ڪري ا??هن کي سزا ڏيڻ جي به هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته ڊيم تي ڪم ڪندڙ اهلڪارن تي حملو ڪندڙ پاڪستان ۽ بلوچستان جي ترقي جا دشمن آهن، اهڙن شرپسند عنصرن جي پاڪستان ۾ ڪا به جڳهه نه آهي. هن چيو ته شرپسند عنصر پنهنج?? ڪڌي ڪاررواين سان بلوچستان جي ترقي جي حڪومتي عزم کي ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. وزيراعظم حملي ۾ مارجي ويل 5 ڄ??ن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي.