اسلام آباد-17 آڪٽوبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته ايم-6 موٽر ويز جي تعمير ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪئي ويندي، ان معاملي تي سنڌ حڪ??مت سان رابطي ۾ آهيون. سينيٽ اجلاس ۾ سينيٽر پونجو راجه رستي کان عمر ڪوٽ ت??ئي?? روڊ جي مڪمل ٿيڻ جي حوالي سان ڌيان ڇِڪرايو نوٽيس تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي وفاقي وزير چيو ته ان منصوبي تي ٺيڪيدار منع نامو وٺي رکيو آهي ۽ اهو معاملو اسلام آباد جي عدال?? ۾ ??ُڌڻيءَ هيٺ آهي. هن چيو ته ايم-6 موٽر ويز جي تعمير ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪئي ويندي. ماضيءَ ۾ ان شاهراهه جي تعمير جي معاملي کي نظرانداز ڪيو ويو جڏهن ته اسان سنڌ حڪ??مت سان رابطي ۾ آهيون.