اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جمهوريه ڪرغزستان سان تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي واپار، سيڙپڪاري، عوامي ۽ علائقائي رابطن جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي ??ور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ (سي ايڇ جي) اجلاس جي موقعي تي ??مهوريه ڪرغزستان جي وزيرن جي ڪابينا جي چيئرمين زاپاروف اڪيل بيڪ سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ جمهوريه ڪرغزستان جي شرڪت تي ٿورا مڃيا ۽ ايس سي او جي موجوده سربراهه جي حيثيت سان ڪرغزستان پاران پاڪستان جي حمايت کي ساراهيو.
وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻن ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ تي ??طمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم جمهوريه ڪرغزستان سان تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ واپار، سيڙپڪاري، عوامي ۽ علائقائي رابطن جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي ??ور ڏنو. زاپاروف اڪيل بيڪ پاڪستان پاران شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي ??ربراهن جي اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي وزيراعظم محمد شهباز شريف کي مبارڪباد ڏني ۽ گڏ ئي دوري تي ??يل وفدن جي شاندار استقبال، ب??ترين انتظامن ۽ شاندار مهمان نوازي تي ٿورا مڃيا. هن ڪرغزستان جي پاڪستان تعاون جاري رکڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو جنهن سان ٻنهي ملڪن جي عوام جي گڏيل مفاد جي سمورن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏئي سگهبو.