اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پاڪس??ان جو خطي ۾ اهم ۽ متحرڪ ڪردار آهي، موجوده حڪومت ملڪ جي سفارتي اڪيلائپ ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي، هاڻي ڪيترن ئي ملڪ جا اعليٰ سطحي وفد پاڪس??ان جو دورو ڪري رهيا آهن، ايس سي او سربراهه ڪانفرنس جي پاڪس??ان ۾ منعقد ٿيڻ سان عالمي سطح تي پاڪستان جي ساک بحال ٿي آهي. اها ڳالهه هن پاڪ چائنا فرينڊشپ سينٽر ۾ ميڊيا فيسلي ٽيشن سينٽر جي افتتاح کانپوءِ ??الهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته موجوده حڪومت جي دور ۾ ملڪ جي سفارتي اڪيلائپ ختم ٿي آهي، پاڪس??ان جو خطي ۾ اهم ۽ متحرڪ ڪردار آهي، پرڏيهي محاذ تي ڪاميابين جو سفر جاري آهي. هن چيو ته تازو ئي ملائيشيا جو وزيراعظم انور ابراهيم پاڪس??ان جو ڪامياب دورو ڪيو، ٻنهي ملڪن مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ معاهدن تي صحيحون ڪيون. هن چيو ته ملائيشيا جي وزيراعظم جي دوري کان فوري پوءِ سعودي سيڙپڪاري واري وزير جي قيادت ۾ سعودي عرب جي وفد پاڪس??ان جو دورو ڪيو ۽ پاڪس??ان ۾ 2.2 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي معاهدن تي صحيحون ڪيون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪس??ان جا معاشي انگ اکر مثبت آهن، ماضي ۾ 32 سيڪڙو جي ڀيٽ ۾ مهانگائي جي شرح گهٽ ٿي 6.9 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، غيرملڪي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۽ آءِ ٽي روانگي واپار ۾ پڻ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي دوران مٽاسٽا جو ناڻو 8.8 ارب ڊالر تائين پهچي ويو آهي. هن چيو ته عالمي مالياتي ادارن عالمي مالياتي فنڊ ۽ عالمي بئنڪ پاڪستان جي معيشت کي ساراهيو آهي ۽ بلومبرگ جهڙن مشهور مالياتي رسالن پاڪس??ان اسٽاڪ ايڪسچينج کي خطي جي سڀ کان اڀرندڙ مارڪيٽ قرار ڏنو آهي. هن چيو ته چيني وزيراعظم لي چيانگ پاڪستان جي دوري تي آهي، اهو 11 سالن کانپوءِ ??ين جي ڪنهن وزيراعظم جو پهريون دورو آهي جيڪو اسان جي لاءِ اعزاز جوڳو آهي. وفاقي وزير چيو ته چين سدائين پاڪس??ان سان دوستي جو هٿ وڌايو آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي تازي چين جي دوري کانپوءِ ??ين پاڪس??ان اقتصادي لنگهه جي ٻئي مرحلي جي شروعات ٿي جنهن دوران بزنس ٽو بزنس تعاون ۾ اضافو ٿيندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نواز شريف جي دور ۾ چين پاڪس??ان اقتصادي لنگهه جو پهريون مرحلو شروع ٿيو هو جنهن تحت موٽرويز جو ڄار وڇايو ويو، گوادر بندرگاهه کي فعال ڪيو ويو، ڪيترائي صنعتي يونٽس ۽ خصوصي اقتصادي زونز قائم ڪيا ويا، لوڊشيڊنگ کي منهن ڏيڻ جي لاءِ توانائي جي شعبي کي ٻيهر ري اسٽرڪچر ڪيو ويو. هن چيو ته چيني سيڙپڪار پاڪس??ان ۾ صنعتي يونٽس قائم ڪن ڇو ته هتي پيداواري لاڳت گهٽ آهي. پاڪس??ان چيني سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪندو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي ميزباني ۾ ٿيندڙ ايس سي او اجلاس 27 سالن کانپوءِ ٿيندڙ وڏو ايونٽ آهي. ايس سي او اجلاس جي ميزباني پاڪستان جي لاءِ هڪ اعزاز آهي، ايس سي او سربراهه اجلاس جي موقعي تي اسلام آباد کي خوبصورتي سان سجايو ويو آهي. هن چيو ته پاڪس??ان جا ماڻهو تمام گهڻا مهمان نواز آهن ۽ سمورن مهمانن جو گرمجوشي سان استقبال ڪنداسين. اطلاعات واري وفاقي وزير ميڊيا فيسلي ٽيشن سينٽر ۾ جديد ترين سهولتن جي فراهمي تي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان جي قيادت ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي پوري ٽيم جي ڪوششن کي کي ساراهيو. هن چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت تي ملڪ جي نظرياتي سرحدن جو دفاع ڪرڻ جي ذميواري لاڳو آهي. هن چيو ته ميگا ايونٽ جي ڪوريج جي لاءِ ايندڙ غيرملڪي صحافين جي لاءِ ??هت??ين انتظام ڪرڻ تي پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ايس سي او سربراهه ڪانفرنس جي پاڪس??ان ۾ منعقد ٿيڻ سان عالمي سطح تي پاڪس??ان جو تشخص بحال ٿيو آهي. هن چيو ته ان موقعي تي پاڪستان جي گهڻ رُخي ۽ منفرد ثقافت ۽ ورثي کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته اسان جو ويزن پنهنجي ثقافت، ترقي پسند موقف ۽ امن پسند سوچ کي اجاگر ڪرڻ ۽ پاڪس??ان بابت غلط فهمين کي ختم ڪرڻ آهي. 15 آڪٽوبر تي هڪ سياسي پارٽي جي احتجاج جي سڏ جي سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هڪ طرف انا پرستي ۽ ٻئي طرف ح?? الوطني آهي. هن واضح ڪيو ته پاڪس??ان کان وڏو ڪو سياسي اڳواڻ يا پارٽي نه آهي. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي ڪال غيرذميواري ۽ غيرسنجيدگي جو مظهر آهي، انهن جا پاڻ ۾ اختلاف آهن، تحريڪ انصاف جي ڪيترن ئي سينيئر اڳواڻن ان جي مخالفت ڪئي آهي، اهي پاڻ ۾ وڙهيل ماڻهو آهن، انهن کي پنهنجي سمجهه نه آهي، انهن کي احتجاج ڪرڻو آهي ته پنهنجي گهر ۾ ويهي ڪن، اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي جا سخت ترين انتظام ڪيا ويا آهن، ڪنهن کي شهر ۾ احتجاج جي اجازت نه ڏني ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس جي لاءِ جديد ترين ميڊيا فيسلي ٽيشن سينٽر قائم ڪيو آهي، ان جو مقصد اهو پيغام ڏيڻو آهي ته پاڪستاني امن پسند ماڻهو آهن جيڪي پوري خطي جي امن ۽ خوشحالي تي يقين رکن ٿا. هن چيو ته پاڪس??ان جو مڃڻ آهي ته ايس سي او خطي جي امن ۽ خوشحالي جي حوالي سان تمام اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس ۾ فلسطين ۽ ڪشمير جي تڪرارن تي پاڪس??ان جو موقف پيش ڪندو. هن چيو ته پاڪس??ان جو واضح موقف آهي ته غزه ۾ معصوم فلسطينين جي نسل ڪشيءَ ٿي رهي آهي، جنگي ڏوهه سرانجام ڏنا پيا وڃن ۽ انهن ڏوهن جو مرتڪب اسرائيل آهي جنهن کي جوابده قرار ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪس??ان فوري طور تي جنگبندي ۽ 1967ع کان اڳ جي فلسطيني سدرحدن جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، جي حمايت ڪري ٿو ۽ آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪس??ان فلسطيني ميڊيڪل شاگردن کي پاڪستان جي تعليمي ادارن ۾ تعليم جي آڇ ڪئي آهي جنهن تي پاڪس??ان حڪومت عملدرآمد ڪري رهي آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪس??ان ۽ چين جي دوستي پراڻي آهي جيڪا ڪنهن عام اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ کان ڪيترائي ڀيرا اڳتي آهي. اها دوستي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان نسل در نسل منتقل ٿي رهي آهي. هن چيو ته پاڪس??ان حڪومت چيني شهرين جي حفاظت جي لاءِ سخت ترين انتظام ڪيا آهن، وزيراعظم محمد شهباز شريف جو چيني شهرين جي تحفظ جي لاءِ قدمن تي ڀرپور ڌيان آهي.