اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پشتون تحفظ موومينٽ جا ڪ??لع??م ٽي ٽي پي (فتنه الخوارج) ۽ افغان طالبان سان رابطا آهن، پي ٽي ايم پاڪستاني سفارتخانن تي حملا ڪيا ۽ پاڪستاني جهنڊي جي بي حرمتي ڪئي، انهن جي حملن ۾ افغان شهري ملوث ڏٺا ويا، سمورا ثبوت حاصل ڪرڻ کانپوءِ پي ٽي ايم تي پابندي هنئي وئي. خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان قياس آرائيون هلي رهيون آهن ته پي ٽي ايم کي ڇو ڪ??لع??م قرار ڏنو ويو، انهن سببن جو عوام جي لاءِ ڄاڻڻ تمام ضروري آهي. هن چ??و ته گذريل ڇهن مهينن دوران پي ٽي ايم جون سرگرميون ڳڻتي جوڳيون رهيون آهن، انهن کي پاڪستان مخالف بيانيو هلائڻ جي لاءِ ٻاهرئين فن??نگ ملي رهي آهي، انهن پاڪستاني سفارتخانن تي حملا ڪيا ۽ پاڪستاني جهنڊي جي بي حرمتي ڪئي، انهن جي حملن ۾ افغان شهري به ملوث ڏٺا ويا. هن چ??و ته پشتون تحفظ موومينٽ جا تحريڪ طالبان افغانستان ۽ تحريڪ طالبان پاڪستان (فتنه الخوارج) سان مڪمل رابطا آهن. هن چ??و ته پاڪستان جي رياست جي خلاف باقاعده فن??يڊ مهم جي جاچ ٿي رهي آهي ته اها فن??نگ ڪٿان اچي رهي هئي. هن چ??و ته تحريڪ انصاف جو پشتون تحفظ موومينٽ سان باقاعده رابطو هو. وفاقي وزير چيو ته پوري دنيا ۾ رهندڙ پختون اسان جا ڀاءُ آهن، پختونن پاڪستان جي ترقي، پاڪستان جي قيام ۽ تحريڪ پاڪستان ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو پر پختون تحفظ جو لبادو ويڙهي دهشتگردن سان رابطو رکڻ، پاڪستان جي رياستي ادارن جي خلاف منظم مهم هلائڻ ملڪي سالميت جي خلاف آهي. هن چ??و ته اهو تحريڪ انصاف جي لاءِ به سبق آهي ته توهان جڏهن چئو ٿا ته خان نه ته پاڪستان نه، توهان ايتري وڏي تحريڪ شروع ڪئي ته اسان جي وڏي وزير کي اغوا ڪيو ويو آهي ۽ کيس مسنگ پرسن قرار ڏنو ويو. اولهه دنيا ۾ توهان وڊيوز سرڪيوليٽ ڪيون ۽ چيو ته خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير گم ٿي ويو آهي، پوءِ وڏو وزير اوچتو نمودار ٿئي ٿو ۽ چوي ٿو ته 12 ضلعا عبور ڪري هو پنهنجي شهر پشاور پهتو. هن چ??و ته خيبرپختونخواهه ۾ توهان جي حڪومت آهي، توهان کي پنهنجي صوبي ۾ لڪڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. وفاقي وزير چيو ته توهان پرامن احتجاج ڪريو، مخالفت ڪريو، تنقيد ڪريو ڪا پابندي نه آهي پر جڏهن توهان پاڪستان جي جهنڊي کي باهه ڏيڻ جون ڳالهيون ڪندا ۽ پاڪستاني سفارتخانن تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا، دهشتگرد تنظيمن سان رابطا رکندا ته ان جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت خيبرپختونخواهه ۾ اسپورٽس ٽيلنٽ پروگرام منعقد ڪرائي رهي آهي، ليپ ٽاپ جو پروگرام شروع ڪيو پيو وڃي، نوجوانن جي لاءِ يونيورسٽين ۾ مقابلا منعقد ڪيا پيا وڃن ۽ ٻئي طرف توهان نوجوانن کي اهڙو نظريو ڏيندا جيڪو زهر قاتل ۽ ڪوڙ تي ٻڌل هجي ته رياست پاڪستان نوجوانن جي لاءِ ڪجهه نه ڪري رهي آهي ته توهان ٻاهر نڪرو، اهو افسوسناڪ آهي. هن چ??و ته جيڪا تنظيم يا سياسي پارٽي پي ٽي ايم سان ڪنهن به سرگرمي ۾ شامل ٿيندي، يا ان جي فن??نگ ڪندي، رابطا رکندي، جوائنٽ اڪائونٽس کوليندي يا سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺندي ته ان جي لاءِ به وارننگ آهي ته پي ٽي ايم هڪ ڪ??لع??م تنظيم آهي، ان سان رابطو رکڻ، فن??نگ ڪرڻ، ان کي ڪنهن به طريقي سان پروموٽ يا سپورٽ ڪرڻ جي اجازت نه آهي. هن چ??و ته پاڪستان جي خلاف ڪوڙ ۽ الزامن جي بنياد تي بيانيو جوڙيو ويو، ڪجهه ماڻهن کي پاڪ چين دوستي هضم نه ٿي رهي آهي پر اسان ان ڪمٽمنٽ سان گڏ بيٺا آهيون پاڪستان جي ترقي، سالميت ۽ بقاءَ جي لاءِ جان به قربان آهي ۽ پاڪستان جي ترقي جي لاءِ هر قدم کڻنداسين. هن چ??و ته وزيراعظم محمد شهباز شريف واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ڪنهن کي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي ته هو پاڪستان کي عدم استحڪام جو شڪار ڪري. هن چ??و ته پاڪستان جي معيشت ترقي ڪري رهي آهي، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين پاران مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اضافو ٿيو آهي، مهانگائي 32 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 6.9 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، روانگي واپار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، آءِ ٽي انڊسٽري وڌي ويجهي رهي آهي، پوري دنيا پاڪستان جي معاشي ترقي جي معترف آهي، اسان جا معاشي انگ اکر بهتر ٿي رهيا آهن، بلومبرگ پاڪستاني معيشت کي ساراهي رهيو آهي، فچ ۽ موڊيز پاڪستان جي ريٽنگ بهتر ڪري ڇڏي آهي، مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي. وفاقي وزير چيو ته ڪنهن منع ڪيو آهي ته خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير مهانگائي ۾ گهٽتائي جا اثر پنهنجي صوبي جي عوام کي منتقل نه ڪري رهيو آهي. هن چ??و ته وزيراعظم سمورن صوبن جي وڏن وزيرن کي خط لکيو آهي ته مهانگائي ۾ گهٽتائي جا اثر عوام کي منتقل ڪيا وڃن، اها صوبائي حڪومتن جي ذميواري آهي. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز مهانگائي ۾ گهٽتائي جا اثر صوبي جي عوام کي منتقل ڪري رهي آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته ڪنهن به تنظيم کي ثبوتن جي بنياد تي ڪ??لع??م قرار ڏنو وڃي ٿو، ان جي اندر سمورا ثبوت ڏٺا وڃن ٿا، فن??نگ جا ذريعا ڏٺا وڃن ٿا ۽ ڏٺو وڃي ٿو ته ان فن??نگ جا مقصد ڪهڙا آهن. هن چ??و ته پشتون تحفظ موومينٽ پاڪستان جي رياست جي خلاف بيانيو جوڙيو آهي. هن چ??و ته اڄ اسان جيڪو ڪجهه به آهيون پاڪستان جي ڪري آهيون، اسان کي جيڪو به مقام ۽ سڃاڻپ ملي آهي اها ملڪ خداداد ڏني آهي، پاڪستان سان اسان جي بقاءَ آهي، پاڪستان آهي ته اسان آهيون. هن چ??و ته ٻين سياسي پارٽين کي به گهرجي ته اهي ان هڪ نقطي تي گڏ ٿي وڃن. هن چ??و ته گذريل ڏينهن فلس??ين جي ايشو تي اي پي سي ٿي، سموريون سياسي پارٽيون ان ۾ شريڪ ٿيون ۽ معصوم ۽ مظلوم فلسطينين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اسان ان ڪاز تي حڪومت سان گڏ آهيون پر افسوس جو هڪ سياسي پارٽي تحريڪ انتشار ان ۾ حصو نه ورتو. آمريڪا مان انهن جي هڪ ليڊر چيو ته اسان کي اي پي سي ۾ حصو ناهي وٺڻو. هن چ??و ته اهي صادق خان جي خلاف زيد گولڊ سمٿ جي مهم ته هلائي سگهن ٿا جيڪو اسرائيل جي فن??نگ ڪري ٿو. اهي اسرائيل جي خلاف ۽ مظلوم فلسطينين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ پاڪستان حڪومت پاران منعقد ڪيل اي پي سي ۾ شريڪ نه ٿيا، انهن جو ڪو نمائندو اي پي سي ۾ اچڻ جي لاءِ تيار نه هو، انهن جو پنهنجو ڪاز آهي. ڇا انهن جو سياسي ليڊر ايترو وڏو آهي جو اهي فلس??ين ڪاز جي لاءِ اي پي سي ۾ شريڪ نه پئي ٿي سگهيا؟ توهان کي گهرجي ها ته توهان فلس??ين ڪاز تي اسان سان گڏ ويهو، پنهنجو موقف رکو ۽ ان پڌرنامي جو حصو بڻجو پر تحريڪ انصاف فلس??ين ڪاز جي حوالي سان اي پي سي جو بائيڪاٽ ڪيو، انهن جا نظريا بلڪل واضح آهن انهن سموريون حدون پار ڪري ڇڏيون آهن. هن چ??و ته حڪومت فلس??ين ۽ لبنان ۾ امدادي سامان موڪلڻ جي حوالي سان ڪوششن کي ٻيڻو ڪري رهي آهي، وزيراعظم هڪ ڪميٽي جوڙي آهي، هڪ ريليف اڪائونٽ پڻ کوليو ويندو پر هڪ شيءَ واضح آهي ته سڀ کان پهرين پاڪستان آهي، پاڪستان تي جان به قربان آهي، هي ملڪ آهي ته سڀ ڪجهه آهي. هن چ??و ته ملڪ دشمنن سان گڏجي ملڪ جي خلاف سازش ڪرڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، هن ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي پاسداري ٿيندي ۽ ملڪ ترقي ڪندو.