بيجنگ-25 سيپٽمبر (اي پي پي) مواصلات بابت وفاق?? وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته سي پيڪ، واپاري راهداريون گرين انرجي ۽ ڪلين ٽيڪنالاجي تي ٻڌل آهن، هاءِ ويز ۽ بندرگاهن کي مستقبل جي ضرورت کي نظر ۾ رکندي بڻايو ويندو، ٽرانسپورٽ جي شعبي جي ترجيح معاشي بهتري، روزگار جي فراهمي ۽ قومي ترقي جي ايجنڊا کي حوصلو ڏيندڙ آهي. وفاق?? وزير چين ۾ گلوبل ٽرانسپورٽ فورم 2024ع کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان کي شهري آبادي ۾ واڌ ۽ ماحولياتي تباهيءَ جا وڏا چئلينج درپيش آهن، آمدورفت جي ذريعن ۾ بهتري لاءِ شهرين جي تحفظ کي به نظر ۾ رکڻو پوندو، سي پيڪ ۽ چائينا بيلٽ روڊ منصوبن ??ان پاڪستان ۽ چين ٻئي فائدو ماڻيندا. وفاق?? وزير چيو ته پاڪ چائينا اڪنامڪ ڪوريڊور (سي پيڪ) تحت انفراسٽرڪچر ۽ ٽرانسپورٽ جي شعبن ۾ بهتري آندي پئي وڃي. وفاق?? وزير چيو ته سي پيڪ جون واپاري رهداريون گرين انرجي ۽ ڪلين ٽيڪنالاجي تي ٻَڌل آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ غير مناسب ٽرانسپورٽ سسٽم معاشي دٻاءُ جو سبب آهي، ا??ان کي هاءِ ويز ۽ بندرگاهن کي مستقبل جي ضرورت موجب بڻائڻو آهي. مواصلاتي نظام ۾ بهتريءَ ??ان معيشت سميت ثقافت ۽ معاشرت کي هٿي ملندي. هن چيو ته ڪورون?? جي وبا کانپوءِ ٻين تبديلين کان علاوه گلوبل لاجسٽڪس پڻ نئون رُخ اختيار ڪري ورتو آهي. هن چيو ته اِي ڪامرس ۽ ڊجيٽل طريقن ??ان ٽرانسپورٽ جي شعبن ۾ ضم ٿيڻ ??ان بهتري آئي آهي، گلوبل ٽرانسپورٽ فورم ??ان ٽرانسپورٽ جي شعبي کي مُنهن ڏيڻ وارن مسئلن جا نوان حل تلاش ڪرڻ ۾ مدد ملندي. وفاق?? وزير چيو ته پاڪستان مواصلات جي شعبي ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۽ گرين ٽيڪنالاجي جو حامي آهي. هن چين جي ٽرانسپورٽ وار?? وزير ??ان خاص ٿورو مڃيو. بيجنگ ۾ ٿيل گلوبل ٽرانسپورٽ فورم مان نيپال ۽ ٿائلينڊ جي نائب وزيراعظم به خطاب ڪيو. فورم ۾ آذربائيجان، ڪمبوڊيا، يونان، ڪينيا، ڪويت، قطر، سنگاپور، تاجڪستان ۽ تنزانيه ج?? وزيرن به شرڪت ڪئي. بعد ۾ چين ۽ پاڪستان کان علاوه ازبڪستان، ويٽنام ۽ ٻين ملڪن جا اعليٰ عملدار به ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيا.