اسلام آباد – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) فيڊرل بورڊ آف روي??يو(ايف بي آر) جون فيلڊ فارميشنز آفي??ون 28 ۽ 29 سيپٽمبر (ڇنڇر ۽ آچر) تي کليل رهنديون. فيڊرل بورڊ آف روي??يو (ايف بي آر) جي سرڪلر مطابق 28، 29 ۽ 30 سيپٽمبر 2024ع تي ڊيوٽي ۽ ٽيڪسن جي وصولي جي حوالي سان سموريون فيلڊ آفي??ون ڇنڇر ۽ آچر ڏينهن به کليل رهنديون ته جيئن ٽيڪسن ۽ ڊيوٽيز جي بروقت وصولي يقيني بڻائي سگهجي. ان ڏينهن ۾ فيلڊ آفيسن جي ڪم ڪرڻ جو وقت وڌايو ويو آهي، 28 ۽ 29 سيپٽمبر تي آفي??ون رات 10 وڳي تائين جڏهن ته 30 سيپٽمبر تي اڌرات تائين کليل رهنديون. وصول ڪيل ڊيوٽيز ۽ ٽيڪسز کي ساڳئي ڏينهن ا??ٽي?? بئنڪ جي لاڳاپيل برانچن ۾ منتقلي يقيني بڻائڻ لاءِ چيف ڪليڪٽرز کان ا??ٽي?? ۽ نيشنل بئنڪ جي مجاز شاخن سان رابطو قا??م ڪرڻ جي هدايت به ڪئي وئي آهي.