اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ناليواري اداڪار مظهر علي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن مرحوم جي گهرڀاتين سا?? تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪندي چيو ته اداڪار مظهر علي جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو. هن چيو ته اڄ اسان هڪ عظيم فنڪار ۽ هڪ م??ترم انسان کي وڃائي ويٺا آهيون. مظهر علي پنهنج?? فني صلاحيتن جي جادُو سا?? اسان کي جڪڙي رکيو ۽ پنهنجي اداڪاري سا?? اسان جي دلين ۾ گهر ڪري ورتو. هن چيو ته مظهر علي جي لاڏاڻي سا?? پاڪستاني ڊراما انڊسٽري کي ناقابل تلافي نقصان پهتو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر عطا فرمائي.