نيويارڪ – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراع??م محمد شهباز شريف ايران پاڪستان گڏيل حمايت ۽ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ ??لس??ين تي پاڪستان جي م??قف جو ورجاءُ ڪندي غزه ۾ فوري طور تي انساني بنيادن تي جنگبندي ۽ ??لس??ين ۽ لبنان جي خلاف جاري اسرائيلي جارحيت جي خاتمي تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراع??م محمد شهباز شريف جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس جي م??قعي تي ايراني صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيا?? سان ملاقات ٿي. ٻنه?? اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ سٺي پاڙيسري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ سان گڏوگڏ گڏيل فائديمند تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ، ايرا?? سان رابطن ۽ ثقافتي تعاون کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ??لس??ين تي پاڪستان جي م??قف جو ورجاءُ ڪندي وزيراعظم غزه ۾ فوري طور تي انساني بنيادن تي جنگبندي ۽ ??لس??ين لبنان جي خلاف جاري اسرائيلي جارحيت جي خاتمي تي زور ڏنو. ملاقات ۾ ايران پاڪستان گڏيل حمايت ۽ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ به ڪيو ويو.