اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اق??ال چيو آهي ته سمورن منصوبن جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽرز کي ??لد مقرر ڪيو ويندو، منصوبا بندي واري وزارت جي رُڪيل فائلن کي ڪڍيو وڃي ته جيئن ڪنهن ڪم ۾ دير نه ٿئي ۽ رڪيل ڪم کي وقت سر مڪمل ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ايس ڊي پي تحت جاري منصوبا بندي واري وزارت جي رٿائن تي تفصيلي جائزي واري اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ پارلياماني سيڪريٽري وجيهه اڪرام عهدو سنڀالڻ کانپوءِ پ??ري??ن ڀيرو شرڪت ڪئي. احسن اق??ال چيو ته سمورين رٿائن جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽرز کي ??لد مقرر ڪيو ويندو. هن چيو ته وزارت جو عملو صرف پروجيڪٽ ڊائريڪٽر کي عملي جي ڀرتين ۾ سهولتون فراهم ڪندو. احسن اق??ال سمورن اسسٽنٽ چيفس ۽ ريسرچ آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو پرڏيهي ملڪن ۾ اعليٰ يونيورسٽين ۾ اسڪالرشپس لاءِ اپلاءِ ڪن. وفاقي وزير چيو ته تحقيق ۽ جدت جو عمل رُڪڻ نه گهرجي. رٿابندي واري وزارت آفيسرن کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ ڀرپور معاونت ۽ وسيلا فراهم ڪندي.