اسلام آباد -22 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف 23 کان 27 سيپٽمبر تائين نيويارڪ ۾ گڏيل قو??ن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اعليٰ سطحي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري پڌرائي مطابق وزيرا??ظم 27 سيپٽمبر تي گڏيل قو??ن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ۾ عالمي امن، سلامتي ۽ خوشحالي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ??ڏيل قو??ن جي گهڻ رخي ڪردار جي حمايت ۽ پاڪستان جي مستحڪم عزم جو ورجاءُ ڪندو. وزيرا??ظم گڏيل قو??ن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا ۾ شامل فلسطين مسئلي ۽ ڄمون ڪشمير تڪرار سميت پراڻن مسئلن کي حل ڪرڻ جي اهميت تي به زور ڀريندو. وزيرا??ظم عالمي اقتصادي لاڳاپن ۾ اڻ برابري کي ختم ڪرڻ ۽ عالمي مالياتي ڍانچي ۾ سڌارن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ سان گڏوگڏ عالمي برادري تي زور ڀريندو ته هو موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ ۽ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ لهر جو مقابلو ڪرڻ لاءِ فيصلائتا قدم کڻي. وزيرا??ظم گڏيل قو??ن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ڪيترن ئي اعليٰ سطحي اجلاسن ۾ به شرڪت ڪندو، جن ۾ ”سمنڊ جي سطح ۾ اضافي سان درپيش خطرن تي اعليٰ سطحي گڏ??اڻيون“ ۽ ”امن لاءِ قيادت“ تي گڏيل قو??ن جي سلامتي ڪائونسل جي کلي بحث شامل آهي. وزيرا??ظم جٽادار ترقي جي ايجنڊا کي اڳيان وڌائڻ لاءِ عالمي سطح تي گهربل ق??من تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ لاءِ عالمي اڳواڻن جي هڪ گروپ سان ڳالهيون ڪندو. وزيرا??ظم جي پروگرام ۾ گڏيل قو??ن جي سيڪريٽري جنرل ۽ جنرل اسيمبلي جي صدر سميت ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن سان ٻه طرفيون ملاقاتون به شامل آهن. گڏيل قو??ن جي جنرل اسيمبلي جو اعليٰ سطحي اجلاس پاڪستان لاءِ علائقائي ۽ عالمي اهميت جي اهم مسئلن تي پنهنجي نقطئه نظر کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم پيش ڪري ٿو. وزيرا??ظم پاڪستان جي ترجيحن کي اجاگر ڪندو ته جيئن عوام کي ملڪي ۽ عالمي ترقي جي ايجنڊا جي مرڪزي هنڌ تي رکيو وڃي. وزيرا??ظم محمد شهباز شريف 26-2025ع لاءِ ??ڏيل قو??ن جي سلامتي ڪائونسل جي آئينده جي ميمبر طور، گڏيل قو??ن جي چارٽر کي برقرار رکڻ، تڪرارن جي روڪٿام، امن ۽ عالمي خوشحالي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ??ڏيل قو??ن جي سمورن ميمبر ملڪن سان گڏ??ي ڪم ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار به ڪندو.