اسلام آباد-19 سيپٽمبر(اي پ?? پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ سياحت جو عالمي ڏهاڙو 27 سيپٽمبر تي ملها??و ويندو. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد سياحت کي هٿي وٺرائڻ?? نون سياحتي ماڳن جي ڳولا، قديمي آثارن کي محفوظ بڻائڻ، ڏيهي ۽ پرڏيهي سياحن جي دلچسپي جي امڪانن ۾ اضافو، سياحن جو تحفظ، سياحتي علائقن ۾ وڌ کان وڌ سهولتن جي فراهمي ۽ ن??ن سياحتي ماڳن تائين پهچ سميت مختلف لاڳاپيل معاملن کي هٿي وٺرائڻ آهي. ان موقعي تي سياحت کاتي سميت سرڪاري ۽ خانگي ادارن جي حصيداري سان مختلف پروگرام منعقد ڪيا ويندا، جن ۾ سياحت جي اه??يت تي روشني وڌي ويندي.جڏهن ته اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا پاران پڻ خاص پروگرام نشر ۽ مواد شايع ڪ??و ويندو.