اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري وفاقي انشورنس محتسب (ايف آءِ او) جي 9 فيصلن کي برقرار رکندي ٻن ا??شورنس ڪمپنين کي هدايت ڪئي آهي ته اهي انشورنس پاليسي هولڊرز يا انهن جي گهرڀاتين کي 15.2 م??ين رپين کان وڌيڪ جي مجموعي رقم ادا ڪن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر وفاقي انشورنس محتسب جي فيصلن جي خلاف داخل اي ايف يو لائيف انشورنس لميٽيڊ جي 6 ۽ پاڪ – قطر فيملي تڪافل لميٽيڊ جي ٽن درخواستن کي رد ڪندي اهي هدايتون ڏنيون آهن. تفصيل موجب وفاقي انشورنس محتسب جي سامهون ا??ي الزام هنيا ويا هئا ته اي ايف يو لائيف انشورنس جي ايجنٽن محمد شفيق ۽ اديب روشن جڏهن ته محمد ممتاز ملڪ، محمد شبير ۽ عابد حسين کوکر کي پاڪ – قطر فيملي تڪافل لميٽيڊ جي ايجنٽن سيڙپڪاري جي لاءِ راغب ڪيو ۽ انهن کي منافعو ڏيندڙ اسڪيمن ۾ سيڙپڪاري ڪرائي وئي ۽ انهن کي ماهوار بنياد تي منافعي جي خاطري ڪرائي وئي. جڏهن ا??هن پنهنجي رقم جي واپسي يا ري ايمبرسمنٽ جي لاءِ لاڳاپيل ڪمپنين سان رجوع ڪيو ته ڪمپنين ا??هن جي دعوائن کي رد ڪري ڇڏيو. اي ايف يو لائيف انشورنس لميٽيڊ مرحوم علي حيدر، شيخ علي حسن، چاند علي ۽ علي اڪبر جي گهرڀاتين پاران داخل ڪيل ”ڊيٿ ڪليم“ کي رد ڪري ڇڏيو. ان پريشان ڪندڙ صورتحال تي شڪايت ڪندڙن پنهنجي شڪايتن جي ازالي جي لاءِ جدا کان وفاقي انشورنس محتسب سان رابطو ڪيو. محتسب انهن جا ڪيس ٻڌڻ کانپوءِ ڪمپنين کي هدايت ڪئي ته اهي شڪايت ڪندڙن کي مجموعي طور تي 15.2 م??ين رپيا ادا ڪن. بعد ۾ بيما ڪمپنين صدر پاڪستان وٽ وفاقي انشورنس محتسب جي فيصلن جي خلاف جدا جدا درخواستون داخل ڪيون. ڪيسن جي ٻڌڻي ايوان صدر ۾ ٿي، وفاقي انشورنس محتسب جي حڪمن ۾ ڪا قانوني ڪمزوري نه ڏٺي وئي، ان لاءِ درخواستون رد ڪيون ويون. اي ايف يو لائيف انشورنس لميٽيڊ کي هدايت ڪئي وئي ته اها نظاره ??ي بي کي 30 لک رپيا، نور حسن کي 3.077 م??ين رپيا، نيڪ محمد کي 2.508 م??ين رپيا، ڪامله علي کي 796000 رپيا، محمد شفيق کي 1.612 م??ين رپيا ?? اديب روشن کي 933992 رپيا ادا ڪري. اهڙي طرح پاڪ – قطر فيملي تڪافل لميٽيڊ کي پڻ هدايت ڪئي وئي آهي ته اها محمد ممتاز ملڪ کي 636456 رپيا، محمد شبير کي 1.319 م??ين رپيا ?? عابد حسين کوکر کي 1.328 م??ين رپين جي رقم ادا ڪري.