اسلام آباد-24 آگسٽ(اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري پشين جي پوليس لائنز واري علائقي ۾ ڌماڪي جي شديد لفظن ۾ مذمت ??ندي معصوم ٻارڙن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افس??س جو اظهار ڪيو آهي، ايوان صدر پريس ونگ پاران جاري ڪ??ل بيان موجب صدر مملڪت آصف علي زرداري شهيد ٻارڙن جي ڪ??نبن سان تعزيت جو اظهار ڪندي ملڪ ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروائيون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ذميوارن کي قانون موجب سخت سزا ڏني ويندي، صدر مملڪت شهيد ٻارن جي بلند درجن ۽ متاثر ڪٽنبن جي صبر ۽ تحمل لاءِ ڌڻي در دعا گهري.