ڪرا??ي-21 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ايران ۾ پاڪستاني زائرين جي بس سان پيش آيل حادثي ۾ قيمتي حياتين جي نقصان ت?? افسوس جو اظھار ڪيو آھي. ميڊيا سيل بلاول ھائوس طرفان جاري بيان مطابق بلاول ڀٽو زرداري چيو آھي ته حادثي ۾ قيمتي حياتين جي نقصان ت?? دل ڏکويل آھ??. ھ?? چيو ته ھو ان حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جي ڪٽنب واسين جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آھ??. ھ?? چيو ته پرڏيھي وزارت ۽ تھران ۾ پاڪستاني سفارتخاني جون ??اڳ??پيل اختياريون متاثر ڪٽنبن سان رابطي ۾ ھئا. اميد آھي ته پاڪستاني شھرين جا مڙھه وطن واپس آڻڻ لاءِ ??اڳ??پيل اختياريون ۽ ادارا پنھنجي ذميواري پوري ڪندا. بلاول ڀٽو زرداري ان اميد جو اظھار ڪيو ته ايران بس حادثي ۾ زخمي پاڪستانين لاءِ بھتر علاج کي به يقي??ي بڻايو ويندو. ان کان علاوه حادثي ۾ فوت ٿيل پاڪستانين جي مغفرت لاءِ به دعا پڻ ڪئي.