اسلام آباد-20 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق مستونگ ۾ ڪامياب انٽيلي جنس بيسڊ آپريشن ذريعي ٽن دهشتگردن جي مارجي وڃڻ تي سيڪيورٽي فورس?? کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ڪالهه پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته سڄي قوم دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي، شرپسند ڌريون ملڪ ۾ امن کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿيون، ??هشتگردي ذريعي ملڪ ۾ بدامني ۽ ڏڦيڙ پ??يڙ??ندڙن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. اسپيڪر پاڪ فوج پاران ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي جي عزم کي ساراهيو ۽ چيو ته پاڪ فوج جو دهشتگردي جي خاتمي لاءِ عزم واکاڻ جوڳو آهي.