اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سانوڻي جي مُند دوران سڄي ملڪ ۾ 10 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻوٽا لڳايا ويندا، وڻن سان آبهوا صاف، موسمياتي تبديلين جي اثرن ۾ گهٽتائي ۽ قدرتي حسن ۾ اضافو ٿيندو، قدرت پاڪستا?? کي بي پناهه نعمتن سان نوازيو آهي، اسا?? کي ڏينهن رات محنت سان قدرت جي عطا ڪيل نعمتن مان فائدو کڻڻو آهي. وزيراعظم وزيراعظم هائوس جي سبزه زار ۾ ٻوٽو لڳائي وڻڪاري مهم جي شرو??ات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم کي وڻڪاري مهم جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته جون 2024ع ۾ ٻه ارب 20 ڪروڙ ٻوٽا لڳايا ويا آهن. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اڄ اسان سانوڻي مُند جي وڻڪاري مهم جي شرو??ات ڪري رهيا آهيون، ان وڻڪاري دوران سڄي ملڪ ۾ 10 ڪروڙ ٻوٽا لڳايا ويندا، ان سان نه رڳو پاڪستان خوبصورت ٿيندو پر موسمياتي تبديلي جنهن پاڪستا?? کي 2022ع ۾ بري طرح نشانو بڻايو هو ا?? کي به ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ملندي، فضائي آلودگي ۾ گهٽتائي ٿيندي ۽ قدرتي حسن ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته چوماسي جي هي موسم دلي?? کي خوش ڪندڙ موسم آهي جنهن ۾ هر طرف مسڪراهٽون وکرنديون آهن، برسات سان گرمي جي شدت ۾ گهٽتائي ٿيندي آهي. وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ پاڪستا?? کي بي پناهه نعمتن سان نوازيو آهي، اهو اسان تي آهي ته اسان ڏينهن رات محنت ڪري انهن نعمتن مان فائدو کڻون ۽ الله تعاليٰ جي آڏو شڪر ادا ڪريون، اسان الله تعاليٰ جو جيترو شڪر ادا ڪريون گهٽ آهي. وزيراعظم چيو ته سانوڻي جي مُند ۾ وڻڪاري مهم جي شرو??ات جي موقعي تي آئون لاڳاپيل عملدار?? کي مبارڪباد ڏيان ٿو ۽ اميد ڪريان ٿو ته صوبائي حڪومتن سان گڏجي پوري پاڪستان ۾ وفاقي حڪومت ۽ ذميوار گڏجي ان عظيم ڪم ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا ۽ پاڪستا?? کي آلودگي کان بچائڻ جي لاءِ ۽ هن ملڪ کي خوبصورت بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا. وزيراعظم چيو ته هتي اسان جا ٻار به موجود آهن جي??ي پاڪستان جي شاندار مستقبل جي ضمانت آهن، اهي وڏا ٿي تعليم جي زيور سان ليس ٿي پاڪستان جا عظيم معمار بڻجندا، ٻار?? کي تعليم سان گڏ هنرمند بڻائينداسين ته جيئن اهي ملڪ جي بهتر انداز ۾ خدمت ڪري سگهن.