اسلام آباد – 29 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ??يڊرل پبلڪ سروس ڪميشن سول سروس ۾ ڀرتي جو عمل وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ سرڪاري ??وڪرين ۾ عورتن ۽ اقليتن جي نمائندگي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته موثر ۽ شفاف ڀرتي جي عمل سان اهل ۽ باصلاحيت سرڪاري ??لا??من جي چونڊ ۾ مدد ملندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي سينيئر ميمبر اڪبر حسين دراني جي قيادت ۾ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن چيو ته ڪميشن تي سرڪاري ??لا??من جي ڀرتي جي اهم ذميواري ??اڳو آهي، ڪميشن ملازمت جي لاءِ صحيح شخص جي چونڊ جي لاءِ جديد طريقيڪار تي غور ڪري. صدر عورتن ۽ اقليتن جي معاشري جي مرڪزي ڌارا ۾ شموليت وڌائڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته سرڪاري ??وڪرين ۾ عورتن ۽ اقليتن جي نمائندگي وڌائڻي پوندي. آصف علي زرداري چيو ته جديد ٽيڪنالاجي ۽ نئين طريقن خاص طور تي ڪمپيوٽرائيزڊ ٽيسٽنگ سان ڀرتي جو عمل وڌيڪ موثر ۽ شفاف بڻائڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته لکت واري امتحان ۾ سٺا نمبر حاصل ڪندڙ اميدوارن کي منصفاڻي طور تي جانچيو وڃي. اڪبر حسين دراني صدر کي سرڪاري ??لا??من جي ڀرتي ۾ ڪميشن جي ڪردار بابت آگاهه ڪيو ۽ ڪميشن کي درپيش ڪجهه م??ئل?? تي پڻ روشني وڌي. صدر وفد کي م??ئل?? جي حل ۽ ڀرتي جو نظام بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجي تعاون ۽ رهنمائي جو يقين ڏياريو.